اسلام ??با?? – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهندي قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. عالمي ادارن ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم ۽ قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو ته ان سان ملڪ ۾ قدرتي ماحول ۽ آبگاهن جي تحفظ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ماحوليات ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ادارن جي عهديدارن پاڪستان جي ميزباني ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ۾ پنهن??ي پيغامن ۾ چئي. ماحوليات جي علامي ڏهاڙي جي موقعي تي ميگا ورچوئل گالا ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو، گالا ??ي پهرين سيشن جي صدارت ماحوليات واري مملڪتي وزير ملڪ امين اسلم جڏهن ته ميزباني جا فرص سينيٽر فيصل جاويد ادا ڪيا، اجلاس جي آغاز تي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪن??ي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ناهيد ايس دراني چيو ته اسان جي لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اهو ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ قدمن جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي وسيلن مان ماحوليات جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن، مشڪل چئلينجن جي باوجود وزيراعظم عمران خان سرسبز ۽ شاداب ايجنڊا کي مرڪزي حيثيت ڏني آهي، سيڪريٽري چيو ته پاڪستان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن جي رقبي ۾ اضافي، ماحول دوست معيشت ۽ روزگار?? آبگاهن جي تحفظ ۽ عورتن ۽ نوجوانن سميت ملڪي ??با??ي کي روزگار جي فراهمي لاءِ جامع پروگرام جوڙيو آهي، گڏيل قومن جي اداري يو اين سي سي ڊي جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ابراهيم ميگا گالا ۾ پنهن??ي پيغام ۾ چيو ته ماحولياتي تحفظ ۽ ايڪو نظام جي بحالي لاءِ مضبوط سياسي عزم جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
حکمت کے عجائبات آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
فنڈنگ ایموجی تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Army launches operation in Khyber Agency; kills15
-
Two women among seven injured in Indian shelling
-
Customs take effective measures to foil smuggling bids at Sialkot Airport
-
Never requested Raheel Sharif to help me leave Pakistan
-
Tikigoti Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ
-
ورچوئل اسپورٹس آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کی مکمل معلومات
-
آفیشل ڈاؤن لوڈ: کامیابی کی کنجی
-
آفیشل ڈاؤن لوڈ: کامیابی کی کنجی
-
فلیم ماسک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ ویب سائٹ: تفریح کا جدید پلیٹ فارم
-
پاسا اعلیٰ اور زیریں سرکاری تفریحی ویب سائٹ کی مکمل معلومات