اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي وفاقي بجيٽ تي ٻئي ڏينهن به بحث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مشڪل معاشي صورتحال ۽ چئلينجن باجود بجٽ کي متوازن قرار ڏنو. سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۽ پيشن ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومتي قدمن سان مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي جي اميد آهي، مشڪل حالتن کانپوءِ بهتريءَ جي اميد آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث وٺندي قومي اسيمبلي ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيم?? جي تعمير کي قومي ترجيح بڻايو وڃي ته اسان وٽ ايتري دولت اچي ويندي جو ٻئي طرف نِهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا، زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته هتي ڪوبه بُکيو نه مرندو، سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۾ واڌ انتهائي سٺو قدم آهي، غريب جي غربت دُور ڪرڻ سان ئي معيشت ۾ بهتري ايندي، دعا آهي ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين، هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ تي ڪو خطرو نه رهندو. جماعت اسلامي جي پا??لي??ماني ليڊر مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جيستائين آئين پاڪستا?? جي آرٽيڪل 38 ايف مطابق ملڪ کي وياج جي لعنت کان پاڪ نه ڪبو تيستائين ملڪ ترقي نٿو رڪي سگهي، مالاڪنڊ ڊويزن ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ ٽيڪس?? جي ڇوٽ جي مدت 2033ع تائي?? جي توسيع ڪئي وڃي. هن چيو ته نئين مالي سال ج?? 14 ٽريلين جا وفاقي بجيٽ ۾ 7 ٽريلين وياج جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيندا، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي پر اهو ايڊهاڪ الائونس آهي، پينشنر?? جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو گهٽ آهي. ريڊيو پاڪستا?? جي رٽائرڊ ملازم?? جي پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ هاڻ پي ٽي وي جي ملازمن کي پينش?? جي سهولت ڏني وڃي. متحده مجلس عمل ج?? مولانا محمد انور بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته گذريل سال ايندڙ ٻوڏ سبب متاثر علائق?? جي نئين سر تعمير ۽ ب??ال??ءَ جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. نور الحسن تنوير بحث ۾ حصو وٺندي ڏُکين ۽ نامناسب حالتن ۾ هڪ سٺو بجيٽ پيش ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مخالفن کي تنقيد لاءِ ڪوبه جواز ناهي ملي رهيو، جڏهن ته پا??لي??مينٽ ميمبر?? جيڪي تجويزون ڏنيون آهن انهن کي حڪومت نظر ۾ رکندي قدم کڻندي. هن تجويز ڏني ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جي ٻار?? جي تعليم لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. مهيش ڪمار چيو ته سرڪاري ملازم?? جي پگهارن ۾ اضافو هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته 9 مئي هڪ ڪارو ڏينهن هو، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيد?? جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، جنه?? جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ 2600 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي، ٿر جي علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آهن جتي اڃا تائين بجل?? ناهي، ٿر لاءِ ترقياتي منصوبن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي. شاهده رحماني چيو ته هن ملڪ جي آئين سان مذاق ڪيو ويو، اسا?? جي پارٽي ڊگها جيل ڪاٽيا آهن، پر اسان جو ورڪر پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ بيٺل رهيو. جيڪي اڊيالا جيل ۾ 2 ڏينهن ناهن گذاريا انهن کي ٻُڌائيندا هلون ته فريال ٽالپر کي عيد رات گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته ان استقامت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت کي هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج جو مُنهن ڏسڻو پيو. بدترين ٻوڏ جو مُنهن ڏسڻو پيو، ميڊيا ورڪرن لاءِ ان بجيٽ ۾ هيلٿ انشورنس ڏني وئي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي.
متعلقہ مضامین
-
Four daring pilots bring honour to Pakistan
-
Imran’s sisters not arrested, clarifies Azma Bokhari
-
KP to install emergency sirens amid tensions with India
-
Mohsin Naqvi sets may 22 deadline for Jinnah square underpass completion
-
کال کریں اور آفیشل گیم پلیٹ فارم جیتیں
-
اسپن آف لائف آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
فارچیون ٹائیگر آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
Ayaz Sadiq files petition in ECP against Aleem Khan
-
Global response needed to check terror: COAS
-
Siraj says Panama leaks a matter of 200 million people
-
Tikigoti آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
Money Tree آفیشل ڈاؤن لوڈ انٹریس