انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف سان ترڪي جي مشهور ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مختلف منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان انقره ۾ ترڪ سيڙپڪارن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان سياه قلم انجنيئرنگ جي ??فد ڪمپني جي صدر سنگيز اوزدمير جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن تي اعتماد ۽ ڪمپني پاران سولر، ونڊ، پن بجلي، ويسٽ مينيجمينٽ ۽ هائوسنگ جي منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ترڪي جي مشهور ڪمپني آرچيلڪ جي ??فد ڪمپني جي چيف ڪمرشل آفيسر سان دنسر جي قيادت ۾ ملاقات ۾ پاڪستان جي حڪومت پاران ٻاهرين سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم سان زورلو انرجي ترڪي جي ??فد سي اي او سينان اي ڪي جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ زورلو انرجي پاران توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته چار سالن کان گذريل حڪومت جي غفلت جي ڪري جن منصوبن تي ڪم رڪيل هو انهن کي هن حڪومت جي ايندي ئي شروع ڪيو ويو آهي جيڪو وزيراعظم شهب??ز شريف جي پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فروغ کي ترجيح ڏيڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم شهب??ز شريف سان البيراڪ ڪمپني جي ??فد صدر احمد البيراڪ جي قيادت ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته گذريل حڪومت ۾ ڪمپني جي ساک کي نقصان پهچايو ويو ۽ ان تي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ ان جي ورڪرن کي هروڀرو گرفتار ڪري جيل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ انهن تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، ان موقعي تي وزيراعظم شهب??ز شريف چيو ته افسوس ۽ ڏک جو مقام آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري روڪڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي، گذريل حڪومت گذريل حڪومتن جي سمورن منصوبن کي سياسي دشمني ۾ تباهه ڪيو، هن چيو ته سمورن سيڙپڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ح??ومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم چيو ته هن پنجاب جي وڏي وزير طور ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جي معاهدي ۾ 90 ملين ڊالر بچايا. ڪمپني جي ??فد وزيراعظم شهب??ز شريف جي قيادت ۽ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي گهري اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائندي کين پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم شهب??ز شريف سان حيات ڪيميا ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ علي زيبڪ جي قيادت ۾ ??فد به ملاقات ڪئي ۽ حيات ڪيميا پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سمورن مسئلن جي خاتمي جون هدايتون جاري ڪيون.
متعلقہ مضامین
-
In surprise visit, Punjab CM reviews ongoing development projects
-
Stricter passport regulations launched to curb begging and illegal immigration
-
Pakistani students win competition at Turkish aerospace and tech festival
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Pakistans stock exchange lobbying to win back emerging market status
-
NEPRA approves Rs 3.94 per unit cut in power tariff
-
Mayor fails to build his own team, loses another close aide
-
فن فاریسٹ ایپ گیم ڈاؤن لوڈ
-
لکی کیٹ آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ اور تفصیلات
-
لکی کیٹ آفیشل گیم پلیٹ فارم: ایک جدید گیمنگ کا تجربہ
-
تین بندر سرکاری ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ کے فوائد اور استعمال
-
ڈائس ہائی لو آفیشل گیم ویب سائٹ: محفوظ اور دلچسپ آن لائن کھیل کا تجربہ